سرتيز عمادالملڪ

سرتيز، عمادالملڪ: سرتيز عمادالملڪ، سلطان محمد تغلق جو خاص ڪارند هو. 734هه بمطابق 1333ع ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تنهن سرتيز عمادالملڪ جو واقعو هن طرح بيان ڪيو آهي:
سلطان محمد تغلق جي دؤر ۾ سيوهڻ تي انڙ، قيصر ۽ رتن ملڪ مقرر هوندا هئا. رتن ملڪ تمام عقلمند ۽ صاحب علم شخص هو ۽ محمد تغلق وٽ حاضر ٿي رتن وڏي ترقي ڪئي، کيس ’سنڌ جو سردار‘ جو لقب ڏئي سيوهڻ جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو، اها ڳالهه انڙ ۽ قيصر کي پسند نه آئي ۽ هنن ٻنهي ملي ڪري رتن کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ انڙ ۽ قيصر سلطاني خزاني تي قبضو ڪيو، جيڪو ٻارهن لک رپيا هو. عوام انڙ کي پنهنجو سردار بنايو ۽ سندس نالو ڄام فيروز انڙ رکيائين، پر ڄام فيروز انڙ ڊپ کان پنهنجي قوم ڏانهن هليو ويو، پٺيان عوام قيصر کي سردار مقرر ڪيو. هيءَ خبر محمد تغلق جي ڪارندي سرتيز عمادالملڪ کي پئي، جيڪو ان وقت سنڌ جو امير الامراء هو ۽ ملتان ۾ رهندڙ هو.
سرتيز عمادالملڪ خبر پوندي لشڪر تيار ڪيو ۽ سيوهڻ اچي رسيو. سرتيز عمادالملڪ ۽ قيصر جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ قيصر کي شڪست آئي ۽ هو ڀڄي وڃي قلعي ۾ بند ٿيو. سرتيز همت نه هاري ۽ قلعي جو محاصرو ڪري ويهي رهيو، آخر چاليهن ڏينهن کانپوءِ قيصر ۽ سندس امير وزيرن امان گهري، سرتيز هنن کي امان ڏني، پر جڏهن قلعي تي سرتيز جو مڪمل قبضو ٿي ويو، تڏهن سرتيز هڪدم هنن جو مال ملڪيت ضبط ڪري ڇڏيو ۽ کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، سرتيز انهن کي قتل ڪري سندن کلون لهرائي بهه سان ڀرائي قلعي جي ڀت تي ٽنگايون. هو روز قيصر جي ماڻهن مان چونڊ ماڻهن کي قتل ڪرائي سندن کلن ۾ بهه ڀرائي قلعي جي ڀت تي ٽنگائيندو هو ۽ انهن سڀني جا سر وچ شهر ۾ ٽنگايائين ته جيئن وري ٻيهر ڪير بغاوت نه ڪري. ابن بطوطه جو چوڻ آهي ته آءٌ روز اهي سر ۽ ڌڙ ڏسي گهٻرائجي ويندو هوس ۽ آخر اتان لڏي وڃي ٻئي هنڌ رهيس. سر تيز تمام گهڻو ظالم ۽ بدڪردار هو.


لفظ سرتيز عمادالملڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو